اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ دوران پرڏيهي هوائي سفر لاءِ ٽڪيٽن تي ٽئڪسز جي شرح ۾ واڌ جي شق منظور ڪئي وئي.
پهرين جولائي کان پرڏيهي سفر لاءِ اڪانومي ٽڪيٽ تي 12500 رپيا ٽئڪس ڏيڻو پوندو.
آمريڪا ۽ ڪئناڊا لاءِ بزنس ڪلاس ۽ ڪلب ڪلاس ٽڪيٽ تي هڪ لک رپين جو واڌو ٽئڪس لڳايو ويو، جڏهن ته يورپ لاءِ بزنس ڪلاس ۽ ڪلب ڪلاس جي ٽڪيٽ تي 60 هزار رپين جو واڌو ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو.
يورپ جي هوائي سفر لاءِ بزنس، فرسٽ ۽ ڪلب ڪلاس تي 2 لک 10 هزار رپين جو ٽئڪس ڏيڻ لازم هوندو.
نيوزيلينڊ،آسٽريليا جي ٽڪيٽن تي 60 هزار رپين جو ٽئڪس هوندو، دبئي، سعودي سميت مڊل ايسٽ ۽ آفريڪي ملڪن جي بزنس ۽ ڪلب ڪلاس ٽڪيٽن ۾ 30 هزار رپين جو واڌو ٽئڪس اوڳاڙيو ويندو.
Pakistan Airplane PIA
You might also like