ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پوليو جا 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، هلندڙ سال ملڪ ۾ پوليو ڪيسز جو انگ 8 ٿي ويو آهي.
اسلام آباد مان صحت واري قومي اداري موجب قلعا عبدالله مان 2 ورهين جي ٻارڙي جڏهن ته ڪيماڙي ڪراچي ۾ ٽن سالن جي نينگري ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي.
صحت واري اداري جو چوڻ هو ته ٻارن ۾ معذوري جون نشانيون 22 مئي ۽ 3 جون کي ظاهر ٿيون.
ملڪ ۾ 8 مان 6 ڪيس بلوچستان ۾ رپورٽ ٿي چڪا آهن، پهرين جولائي کان 41 ضلعن ۾ پوليو مهم شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن دوران 90 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريا ويندا.
Pakistan Polio Govt
You might also like