ڪنگز ٽائون جي ميدان ۾ پل پل ميچ جي صورتحال تبديل ٿي رهي هئي، هڪ موقعي تي ائين محسوس ٿي رهيو ته بنگلاديشي ٽيم آرام سان گهربل هدف ماڻي وٺندي.
ميچ دوران ائين محسوس ٿي رهيو هو ته پنهنجي سموري قوت ۽ جان لڳائيندڙ افغانستان جي ٽيم، جنهن آسٽريليا جهڙي ورلڊ ڪلاس ٽي کي به شڪست ڏني، هڪ ڀيرو وري سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويندي ۽ بنگلاديش سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو.
پر هن دفعي ائين نه ٿيو ۽ نوين الحق مستفيض الرحمان جي وڪيٽ حاصل ڪري افغانستان کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو.
ميچ کانپوءِ راشد خان چيو ته سيمي فائنل ۾ پهچڻ اسان جي خواب جي ساڀيان آهي.
هن چيو ته رڳو هڪ شخص افغانستان کي سيمي فائنل ۾ پهچندي ڏسي رهيو ۽ اڳوڻو ويسٽ انڊين ڪپتان برائن لارا هو اسان سندس اڳڪٿي کي صحيح ثابت ڪيو.
هڪ پاسي ڪابل ۾ جشن جو ماحول هو ته ٻئي پاسي ڀارت ۽ پاڪستان ۾ به سوشل ميڊيا واهپيدار افغان ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
افغانستان جي فتح کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سياستدانن کان بالي ووڊ اداڪارن تائين ردعمل ڏنو.
پاڪستان سياستدان فواد چوڌري لکيو ته بنون جي گهٽين ۾ ڪرڪيٽ کيڏندڙ ڪابل ۽ قنڌار جا ڇوڪرا دنيا ۾ راند جي سڀ کان وڏي ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي چڪا آهن.
هن چيو افغانستان هڪ غيرمعمولي ٽيم آهي جنهن غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندي ۽ اِهو سندن محنت جو نتيجو آهي.
بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي به افغان ڪرڪيٽرز جي خوشي ۾ خوش ٿي ويو.
اداڪار مئچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آل رائونڊر راشد خان جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، گڏوگڏ لکيو ته افغانستان ڇا ته شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
بالي ووڊ اداڪار افغان ٽيم کي شاندار قرار ڏيندي چيو ته هڪ شاندار ٽيم ۽ هڪ خوبصورت ملڪ اهڙي ڪاميابي جو سڀ کان گهڻو مستحق هو، ڪابل ۾ به اڄ اهڙو جشن ملهايو پيو جهڙو جشن سڄي دنيا ملهائيندي آهي.
ان نتيجي سان گڏ ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل جي صورتحال پڻ واضح ٿي چڪي آهي.
افغانستان جي ٽيم پهريون سيمي فائنل ڏکڻ آفريڪا خلاف 27 هين جون تي کيڏندي جڏهن ته ڀارت ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ شيڊيول ٻيو سيمي فائنل ساڳي ئي ڏينهن گيانا ۾ کيڏيو ويندو.
T20Worldcup2024 Afghanistan AFGvsBAN Semifinal