ڪراچي ۾ سخت گرمي، اڳتي موسم ڪيئن رهندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ به سخت گرمي آهي، جڏهن ته ايندڙ مهيني جي پهرئين هفتي چوماسي برساتن جي شروعات جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان هيٽ ويو جهڙي گرمي پئجي رهي آهي، 26 جون کان گرمي پد گهٽجندو پر موسم گرم رهندي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ 3 يا 4 جولاءِ تي چوماسي برسات جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ آهي ۽ گرمي جي شدت 50 ڊگري تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.

karachi heatwave heatstroke

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.