ماسڪو جي حساس جاچ اداري جي عمارت ۾ باهه، 7 ڄڻا اجل جو شڪار

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي تخت گاهه ماسڪو ۾ حساس جاچ اداري جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب باهه ماسڪو جي حساس اداري پلاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي عمارت ۾ لڳي، جيڪو روس جو اهم دفاعي اليڪٽرانڪس پروڊيوسر ۽ تحقيقي مرڪز آهي.
رپورٽن موجب عمارت ۾ باهه لڳڻ سان 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، اڪثر فوتگيون دونهون ڀرجڻ سبب ٿيون.

russia moscow asia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.