بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها کي سندس همسفر ظهير اقبال ٻن ڪروڙن جي”BMW i7“ تحفي ۾ ڏئي ڇڏي.
23 جون 2024ع تي ڀارتي اداڪارا سوناڪشي سنها پنهنجي ويجهي دوست ظهير اقبال سان شادي ڪري پنهنجي محبت حاصل ڪري ورتي.
ان جي شادي ۾ نه صرف سڄي ڀارت ۾ ٿرٿلو مچاهي ڇڏيو آهي پر پاڪستان ۾ به شادي جي گونج آهي، ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا جي هر پليٽ فارم سوناڪشي ۽ ظهير جي شادي جي يادگار ڪلپس ۽ جهلڪين سان ڀريو پيو پيو آهي.
شادي بعد هڪ خبر اها به گردش ڪري رهي آهي ته ظهير اقبال پنهنجي نئين زال سوناڪشي کي شادي جي تحفي ۾ بي ايم ڊبليو آءِ سيون ڏني آهي.
ڀارتي ڪرنسي موجب انهي گاڏي جي رقم 2 ڪروڙ رپيا آهن، جنهن جو وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.
ZaheerIqbal Sonakshi BollyWood