سڌريل ملڪن ۾ ماڻهو سرڪار جو وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ ذميواريون پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا. ائين هو رياست جي فلاح ۽ بهبود واري ڪم ۾ پنهنجو حصو ڳنڍين ٿا. اهڙن ملڪن ۾ ماڻهن جو خيال آهي ته سرڪار اڪيلي سر رياست جون ذميواريون سنڀالڻ جهڙو ڳرو وزن نه ٿي کڻي سگهي. ان ڪري ماڻهو انفرادي توڙي اجتماعي طور تي پنهنجن ملڪن جي ماڻهن جي پاڻ به مدد ڪن ٿا، جيڪو ڪم اسان جهڙي ملڪ ۾ رڳو رياست جي ذميواري هئڻ واري ذمري ۾ اچي ٿو. دنيا اندر رضاڪار پنهنجن ماڻهن جي اهڙي مدد نه رڳي مشڪل حالتن ۾ پر عام حالتن ۾ پڻ ڪن ٿا. ننڍا ننڍا ادارا جوڙي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙي ڪم کي دنيا رضاڪاريت جو نالو ڏئي ٿي. رضاڪاريت جي اهڙي جذبي هيٺ دنيا ۾ ڪيترائي ادارا جڙيا، جن نه رڳو پنهنجن ماڻهن جي خدمت ڪئي پر دنيا ۾ اهڙا ته ڪامياب ماڊل ٿي اڀريا، جن جي پوئيواري ڪندي دنيا ۾ رضاڪاريت کي هٿي ملي ۽ هزارين اهڙا ادارا جڙيا جن مختلف شعبن ۾ ماڻهن جي خدمت جا شاندار مثال قائم ڪيا.
دنيا جي ان لاڙي کي پاڪستان ۾ به هٿي ملي ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي اندر سنڌي هندو ڪميونٽي جو وڏو تعداد هجڻ سبب ٻين جي خدمت ڪرڻ واري جذبي کي هٿي ملي ۽ ان جا بنياد انتهائي مضبوط ٿيا، جنهن سبب سنڌ ۾ رضاڪاريت وارو لاڙو 1970ع ۽ 1980ع واري ڏهاڪي تائين عروج تي هو.1980 ع ۽ 1990 ع واري ڏهاڪي تائين اهو جذبو ماڻهن ۾ تمام گهڻو رهيو پر تنهن کان پوءِ نوي جي ڏهاڪي کان پوءِ هن مهل تائين ڪيترائي رضاڪار پاڪستان ۾ اڀري آيا جن نه صرف مثالي ڪم ڪري ڏيکاريا پر خدمت خلق واري جذبي کي تمام گهڻو گهڻو هٿي ڏني ،انهن کاهوڙي ڪردارن ۾ آغا نور محمد پٺاڻ جو نالو سر فهرست آهي جنهن خدمت خلق واري جذبي کي سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ لائيبريريون قائم ڪري ڏيکاريو ،ڇاڪاڻ ته موبائل انٽرنيٽ ۽ ٻيون اليڪٽرانڪ ميڊيا جهڙيون شيون وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لائيبريريون قائم ڪرڻ وارو لاڙو خطري ۾ پئجي ويو ۽ ماڻهو صرف اخبارن پڙهڻ تائين محدود ٿي ويا، باقي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ مطالعي واري عادت ڏينهون ڏينهن ختم ٿي رهي آهي .اهو ئي سبب آهي جو آغا نور محمد پٺاڻ پنهنجي ڊاريڪٽر ٿيڻ واري دور کان وٺي رٽائرڊ ٿيڻ واري دور کي پڙهڻ ۽ مطالعو ڪرڻ واري عمل کي رجعت ڏيڻ لاءِ مختلف اسڪولن ۾ لائيبريريون قائم ڪري هڪ وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي .
دنيا جي سڌريل ملڪن جا ماڻهو ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجي علمي صلاحيت کي وڌائي پنهنجي ملڪ جي معيشت کي ترقي وٺرائي رهيا آهن اهو ئي سبب آهي جو اوڀر وارا ملڪ هجن يا اولهه وارا هجن ترقي يافته ملڪن جي يونيورسٽين ۾ مطالعو ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن مطالعي يا علمي ڄاڻ کي وڌائڻ لاءِ جيڪو مطالعو ڪيو وڃي ٿو ان کي عام ٻولي ۾ ريسرچ چوندا آهن اها ريسرچ ئي فقط لائيبريرين ۾ بهتر نموني ڪري سگهجي ٿي .
انهيءَ خيال کي آڏو رکندي آغا نور محمد صاحب نه رڳو پاڪستان ۾ موجود عالمي طور سڃاڻپ رکندڙ عبدالستار ايڌي صاحب، رمضان ڇيپا صاحب کان علاوه ٻين ڪيترن ڪردارن جا ڪارناما آڏو رکي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي . انهن املهه کاهوڙي ڪردارن انسانيت جي خدمت ڪري دنيا کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون آهن، انهن کاهوڙي ڪردارن کان سواءِ ڪجهه اهڙا گمنام کاهوڙي ڪردار آغا نور محمد پٺاڻ ڊاريڪٽر انڊس ڪاٽيج لائيبريريز اسلام آباد پڻ موجود آهي جنهن پنهنجن هٿن ۾ علم جي لاٽ ٻاري نه رڳو سنڌ ۾ پر سڄي پاڪستان جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ وڃي اتي لائبريريون قائم ڪري رهيا آهن اهو سلسلو گذريل ڪيترن ئي سالن کان لاڳيتو جاري آهي . مان سمجهان ٿي اهو ڪم ايترو آسان ناهي جيترو آسان لڳي ٿو.
آغا نور محمد پٺاڻ هونئن ته پاڻ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي پاڻ محقق ،اديب،شاعر سماجي اڳواڻ کان علاوه انساني هڏڏوکي آهن ،آغا صاحب گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسلام آباد توڙي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ موجود ڪيترن ئي شهرن جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ لائيبريريون قائم ڪن ٿا آغا نور محمد پٺاڻ گرمي هجي يا سردي چاهي ملڪي حالتون ڪيتريون ئي خراب ڇونه هجن هو سنڌ توڙي جهر جهنگ ۾ قائم سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ پاڻ وڃي لائيبريريون قائم ڪن ٿا انهن لائيبريرين ۾ وڃي شاگردن جون مطالعي واريون سرگرميون ڏسن ٿا هن وٽ جيتوڻيڪ ايتري وڏي ٽيم موجود نه آهي وسيلا پڻ گهٽ اٿس پر پوءِ به هو سٺ سالن جو ضعيف انسان نوجوانن وانگر ڦڙتي سان ميدان ۾ لهي ڪم ڪندا رهن ٿا .هن جي چپن تي هڪ مرڪ ، دلي سڪون ۽ اطمينان هوندو آهي شايد هن جو نيڪ جذبو هن کي اتسائيندو رهندو آهي ۽ پوءِ هو آنڌي مانجهي علم جو ڏيئو پنهنجي هٿن کڻي ان کي ٻاري نوجوانن توڙي هر عمر جي انسان جي تعليمي وسعت وڌائڻ لاءِ جستجو ۾ لڳل هوندو آهي ،طبيعت جي لحاظ کان آغا نور محمد نهايت سنجيده ۽ عملي ڪم ڪرڻ وارو سماجي هڏ ڏوکي انسان آهي ،هن جي نظر ۾ پاڪستان توڙي سنڌ جي خوشحالي نوجوانن جي علمي طاقت وڌائڻ سان ئي ممڪن آهي ۽ اها طاقت صرف ۽ صرف اسڪولن ۾ لائيبريريون قائم ڪري شاگردن جو رجحان موبائل مان بدلائي ڪتابن جي طرف لاڙو وڌائڻ سان ممڪن ٿي سگهي ٿي .،شڪارپور سان تعلق رکندڙ هي کاهوڙي رضاڪار جو خواب پڙهيل لکيل سنڌي توڙي هر ٻولي ڳالهائيندڙ ٻار آهي .ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻار پڙهيل ته پوءِ ملڪ ۾ انقلاب ايندو نه ته جهالت اسان جي نسلن کي ائين کائي ويندي جيئن ڪاٺ کي لڳل سرو ……..!!!!! سچ پچ ته آغا نور محمد پٺاڻ جهڙا املهه انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن .اسان سڀني کي گهرجي ته آغا نور محمد سان گڏجي هن جي ان نيڪ مقصد کي هٿي ڏيون ته جيئن اسان جو نئون نسل هٿن ۾ موبائلن جي بجاءِ ڪتاب کڻي .