خيرپور: دڪان ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ جو وڌيڪ هڪ واقعو

خيرپور: (رپورٽ: سيد نعيم حسين شاھ) خيرپور شھر جي ڳتيل آبادي واري علائقي بڙ چوڪ وٽ قائم سلينڊر جي دڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب باھ لڳي وئي. باھ لڳڻ سبب دڪاندارن ۾ ڀاڃ پئجي وئي. هڪ ڄڻو مزمل آرائين زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو ويو.

سلينڊر جو دڪان محمد علي راجپوت جو ٻُڌايو پيو وڃي جيڪو باھ لڳڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو.

شھرين جو چوڻ آهي ته افسوس آھي جو شھرن جي ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ گئس جي سلينڊرن جا دڪان آھن ۽ سلينڊر جي ڌماڪن جا واقعا معمول بڻجي ويا آھن پر ضلعي انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ انساني زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آھي ۽ انھن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري جڏھن ته ھن قھر جي گرمي ۾ خيرپور ۾ سلينڊر جي دوڪانن تي پابندي لڳائي وئي آھي ۽ دوڪان بند رکڻ جي ھدايت ڏني وئي آھي پر پوءِ به دڪانن وارا بليڪ تي گئس وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ ھي واقعي معمول بڻيل آهن.

ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انساني زندگين کي بچايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.