ڪنڊيارو (رپورٽر) ڪنڊيارو جي روهڙي ڪينال رگيوليٽر آفيس وٽ ٽڪ ٽوڪ ٺاهيندي ڪلتارپور جون رهواسي ٻه نوجوان ڀينرون رابعه ۽ مهڪ قريشي روهڙي ڪينال ۾ ڪري پيون.
ٽڪ ٽوڪ وڊيو ريڪارڊ ڪندڙ سندن ننڍڙي ڀيڻ جي دانهن تي اتان گذرندڙ مقامي ماڻھن هڪ ناري مهڪ کي بچائي ورتو جڏهن ته ننڍي ڀيڻ رابعه ٻڏي فوت ٿي وئي.
اطلاع ملڻ تي ايدهي سينٽر پاران ٽوٻن کي طلب ڪري ٽوٻن ۽ مقامي رهواسين جي مدد سان هڪ ڪلا ڪ بعد ٻڏي ويل ناري جو لاش ڪڍيو ويو.
لاش ڪڍي تعلقه اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
ٻڏي فوت ٿيل ناري جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.