ڪشمور جي ڳوٺاڻي ڇوڪري مشهور اداڪارا بڻجي وئي!

ڊراما سيريل ”سارا ساجدا“ ذريعي عالمي سطح تي پاڻ کي مڃائيندڙ انمول بلوچ جو تعلق ڪشمور جي هڪ ڳوٺ سان آهي.
اداڪارا انمول بلوچ ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو ڪراچي ۾ گذاريو آهي، هن سان گڏوگڏ هو ڪشمور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي رهواسڻ به آهي.
خوبصورت اداڪارا انمول بلوچ ڪراچي يونيورسٽي مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي.
انمول جي خواهش آهي ته هوءَ مستقبل ۾ احمد رضا مير، فواد جلال ۽ بلال عباس سان هيروئن طور تي ڪم ڪري.
اداڪارا کي موسيقي سان گهڻو چاهه آهي، هو چوندي آهي ته سندس خواهش آهي ته پيانو وڄائڻ سکي وٺي.
انمول پنهنجي فيشن سينس جي باري ۾ چوندي آهي ته هو زماني ۽ موقعي جي مناسبت سان لباس پائڻ کي ترجيح ڏيندي آهي.
غير ارادري طور تي اداڪاري جو سفر شروع ڪرڻ واري انمول ٻين ڇوڪرين کي تجويز ڏني آهي ته صبر سان گڏوگڏ محنت ڪن، باقي الله تي ڇڏيو وڃي.
اداڪارا جي اها به خواهش آهي ته هو جلد ئي ڪا فلم سائن ڪري وڏي پردي تي به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري سگهي.
pakistan sindh Anumbaloch

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.