ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي اڳوڻي فاسٽ بالر سري سانٿ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان بدران آمريڪا کي ڏسڻ جو خواهشمند آهي.
2007 ۾ واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح ڀارتي ٽيم جو حصو رهندڙ سري سانٿ چيو آهي ته پاڪستان کي پنهنجي پوري نظام کي تبديل ڪرڻ جي ضروت آهي، جنهن جي نشاندهي وسيم اڪرم ۽ وقار يونس جهڙا عظيم رانديگر به ڪري چڪا آهن.
هن چيو ته مون کي نٿو لڳي ته پاڪستان اِهي شيون ڪري رهيو آهي جيڪي ان کي ڪرڻ گهرجن، هو پنهنجي ڊوميسٽڪ ليگز تي ڌيان ناهن ڏيندا، پاڪستان جا اڳوڻا ڪرڪيٽر پوري نظام کي تبديل ڪرڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڳالهه ڪجي ته هر ٽيم آن پيپر مضبوط نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن اسان رٿابندي ۽ پلاننگ تي عمل جي ڳالهه ڪريون ته آمريڪي ٽيم گذريل ٻن سالن ۾ پنهنجي رٿابندي ۽ عملدرآمد سبب بهترين رهي ۽ ان سخت محنت ڪئي.
اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته مان چاهيان ٿو ته آمريڪي ٽيم سپر ايٽ کيڏي ڇو ته هيءَ ٽيم ان جي حقدار آهي، آمريڪي ٽيم سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي آهي.
Next Post
You might also like