الله 3 جنسون ٺاهيون ۽ سڀني کي هڪجهڙا حق ڏنا: نوشين شاهه

پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا نوشين شاهه چيو آهي ته خدا 3 جنسون ٺاهيون، ٽنهي جا هڪجهڙا حق آهي، ڪو ڪنهن لاءِ ننڍو يا وڏو ناهي.
نوشين شاهه تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جو هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.
نوشين شاهه چيو ته مان هڪجهڙائي ۽ برابري تي يقين رکان ٿي، ڀلي مونکي فيمنسٽ چيو وڃي يا ڪجهه ٻيو، پر مان سڀني ماڻهن جي حقن کي هڪجهڙو قرار ڏيان ٿي.
هن جو چوڻ هو ته مان انهي ڳالهه تي يقين رکان ٿي ته ڪنهن جا ڪنهن ٻئي کان وڌيڪ حق آهن، پر سڀني جا پنهنجا پنهنجا حق آهن ۽ سڀني حق ملڻ گهرجن.
Showbiz nosheenshah pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.