ورلڊ ڪپ: انگلينڊ عمان کي هارائي ورلڊ ڪپ کي زنده ڪري ڇڏيو !

انٽيگوا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 30 هين ميچ ۾ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ عمان کي شڪست ڏئي ڇڏي.
انگلينڊ عمان طرفان مليل 48 رنز جو هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 101 بال اڳ ئي پورو ڪري ورتو.
نارٿ سائونڊ جي سرويوين رچرڊز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ عمان خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
عمان پهريان کيڏيندي 14 هين اوور ۾ 47 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
عمان جو شعيب خان ئي رڳو 11 رنسون ٺاهي سگهيو جڏهن ته ٽيم جو ٻيو ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيو.
انگلينڊ جي عادل رشيد 4، جوفرا آرچر ۽ مارڪ ووڊ 3،3 وڪيٽون ورتيون.
انگلينڊ جي اوپنر فل سالٽ ٽن بالن تي ٻن ڇڪن جي مدد سان 12 رنسن ٺاهي بلال خان جي هٿان ڪيچ آئُٽ ٿي پويلين موٽي ويو ، انگلينڊ جو ٻيو آئوٽ ٿيندڙ بيٽر وِل جيڪس هو جنهن ست بالن تي پنج رنسون ٺاهيو ۽ ڪليم الله جي بال تي جاپتي جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
انگلينڊ جي ڪپتان جوش بٽلر 24 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، شاندار بالنگ تي عادل رشيد کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.