لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي تدارڪ لاءِ داخل ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي چيو ته دونهون ڇڏيندڙ گاڏين تي ڏنڊ نه انهن کي بند ڪيو وڃي.
جسٽس ڪريم جو چوڻ هو ته دونهون ڇڏيندڙ گاڏين جي تصويرن جي حوالي سان ٽرانسپورٽ کاتي کي آگاهه ڪيو ۽ سيف سٽي کان به مدد ورتي وڃي.
عدالت چيو ته ون وي ٽريفڪ روڪڻ لاءِ جتي ممڪن هجي ٽائر ڪلڻ لڳايا وڃن.
Lahore pakistan banned
You might also like