ملڪ ۾ هڪ سال دوران گڏهن جو انگ وڌي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) مالي سال 2023-24 جو اقتصادي سروي جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب ملڪ ۾ هڪ سال دوران گڏهن جي انگ ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اقتصادي سروي موجب، هڪ سال دوران گڏهن جي انگ ۾ هڪ لک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گڏهن جو انگ 59 لک تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته گذريل مالي سال ملڪ ۾ گڏهن جو انگ 58 لک هو ۽ سال 2021-22 ۾ گڏهن جي تعداد 57 لک هو.
اقتصادي سروي موجب ٻن سالن دوران گڏهن جي انگ ۾ 2 لک جو وڌارو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
هڪ سال ۾ گهوڙن جي انگ ۾ واڌ ناهي ٿي، ملڪ ۾ گهوڙن جو انگ چار لک تائين رڪارڊ ڪيو ويو.
اقتصادي سروي ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ سال ۾ اُٺن جي انگ ۾ ڪو واڌارو ناهي ٿيو جڏهن ته هڪ سال دوران ٻڪرين ۽ ٻڪرن جي انگ ۾ ٻه ڪروڙ ٻه لک جو اضافو ٿيو ۽ رڍن جي انگ ۾ هڪ سال دوران 40 لک واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.