اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب مالي سال 2023 ۽ 24 جو اقتصادي سروي پيش ڪري ڇڏيو.
اقتصادي سروي پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته مهانگائي جي شرح 48 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، شرح جلد سنگل ڊجٽ تي اچي ويندي، پاليسي ريٽ به گهٽجڻ گهرجي، مهانگائي ۾ گهٽتائي جي ڪري اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح کي گهٽايو آهي.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو پلان ئي نه هو، آءِ ايم ايف وٽ نه وڃون ها ته هدف جي خبر نه پئجي سگهي ها، هلندڙ مالي سال جي ڊي پي گروٿ ۾ وڏن صنعتن جي گروٿ سٺي نه رهي، زراعت سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي، لائيو اسٽاڪ به بهتر آهي.
ناڻي واري وزير موجب مالي سال 23_2022 ۾ شرح 2 سيڪڙو گهٽ ٿي هئي ۽ روپي جي قدر ۾ 29 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، انهن مسئلن باوجود اسان مالي سال 24_2023 جي شروعات ڪئي، وياج جي بلند شرح ۽ مهانگي توانائي سبب لارج اسڪيل مينو فيڪچرنگ متاثر ٿي، هلندڙ مالي سال روينيو ڪليڪشن ۾ 13 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 50 ڪروڙ ڊالر تائين محدود رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون
Prev Post
You might also like