ممبئي هاءِ ڪورٽ سلمان خان کي فائرنگ ڪيس ۾ وڏو رليف ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي ممبئي هاءِ ڪورٽ فائرنگ ڪيس ۾ ملوث جوابدار واري معاملي ۾ وڏو رليف ڏئي ڇڏيو آهي.
عدالت حڪم ڏنو ته فائرنگ ڪيس ۾ ملوث جوابدار انوج ٿاپن جي موت جي جاچ ۾ اداڪار جو نالو خارج ڪيو وڃي.
سلمان خان جي گهر ٻاهريان فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي هٿيار پهچائڻ جي الزام ۾ پوليس انوج ٿاپن کي گرفتار ڪيو هو ۽ پهرين مئي تي جيل ۾ سندس موت واقع ٿي وئي هئي.
انوج ٿاپن جي ماءُ پٽ جي موت تي هڪ ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ سلمان خان جو نالو به شامل ڪري جاچ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
SalmanKhan Bollywood Court

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.