عمر اڪمل جون تصويرون وائرل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ماضي ۾ فٽنس ٽيسٽ ۾ ناڪامي جو منهن ڏسندڙ ۽ ڪوششن باوجود قومي ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهيندڙ مڊل آرڊر بيٽر عمر اڪمل بنا شرٽ ۽ 6 پيڪس سان پنهنجون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون.
ڪرڪيٽر عمر اڪمل ماضيءَ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي بدران ناڪاري روين سبب سدائين خبرن ۾ رهيو آهي، ويجهڙ ۾ عمر اڪمل قومي ٽيم ۾ شموليت جي درخواست لاءِ نواز شريف سان به ملاقات ڪئي هئي، پر ان باوجود هو قومي ٽيم ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو.
هاڻ عمر اڪمل پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ٻه تصويرون شيئر ڪيون آهن جنهن ۾ هن کي بنا شرٽ جي 6 پيڪس واضح ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
شيئر ڪيل تصويرن ۾ عمر اڪمل ڪيپشن ۾ لکيو ته ڌيان ڏيو” هي تصويرون انهن لاءِ جيڪي سمجهن ٿا ته مان فٽ نه آهيان.“
واضح رهي ته 2020ع ۾ عمر اڪمل کي فٽنس ٽيسٽ دوران شرٽ لاهڻ جهڙي حرڪت تي پي سي بي طرفان ڇنڊ پٽي وئي هئي .
عمر اڪمل فٽنس ٽيسٽ دوران عجيب حرڪت ڪندي ڪپڙا لاهي چيو هوته ڏسو چرٻي ڪٿي آهي؟ جڏهن ته ان موقعي تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ جو اسٽاف به موجود هو، جنهن کانپوءِ پي سي بي ڪرڪيٽرن کي ڇنڊ پٽي ڇڏي ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.