ايلون مسڪ ايپل ۽ اي آءِ ڪمپني کي وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ايلون مسڪ چيٽ جي بي ٽي ٺاهڻ واري ڪمپني اوپن اي آءِ جو سخت مخالف آهي ۽ هو ان خلاف سخت بيان به جاري ڪندو رهندو آهي.

هاڻ ايپل طرفان چيٽ جي بي ٽي کي آءِ فونز جو حصو بڻائڻ تي ايلون مسل جو سخت ردعمل سامهون آيو آهي.

ايلون مسڪ چيو آهي ته جيڪڏهن ايپل اوپن اي آءِ جي ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ته پنهنجي ڪمپني ۾ آءِ فونز جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏيندس.

ايلون مسڪ کي خطرو آهي ته اوپن اي آءِ ۾ ايپل جي آپريٽنگ سسٽم ۾ مدغم ڪيو ويندو انڪري واهپيدارن جي ڊيٽا غيرمحفوظ بڻجي ويندي.

ٻئي پاسي ايپل ۽ اوپن اي آءِ جو چوڻ آهي ته واهپيدار جي ڪنهن به سوال کي چيٽ جي بي ٽي ڏانهن موڪلڻ کان پهريان اجازت ورتي ويندي.

هڪ پوسٽ کي رپلاءِ ڪندي ايلون مسڪ چيو ته ايپل طرفان پرائيويسي جي تحفظ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن پر ان سان گڏوگڏ اوهان ڊيٽا ٿرڊ پارٽي اي آءِ جي حوالي ڪيو پيو وڃي ان پرائيويسي کي ڪيئن تحفظ ملندو.

Information elonmusk tesla

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.