گهوٽڪي ( رپورٽ: آزاد مھر ) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي چيو آهي ته برڪت لنڊ ۽ عبدالله لنڊ جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن، ٽئي جوابدار نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث آهن. ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ يارولند واسي اصغر لنڊ ۽ برڪت لنڊ ملوث آهن ۽ عبدالله لنڊ سھولتڪار آھي هڪ جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪيو آهي برڪت ۽ عبدالله لنڊ جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن گرفتار جوابدار اصغر کان موٽرسائيڪل ۽ پسٽل پڻ هٿ ڪيو آهي جوابدار اصغر ۽ برڪت يارو لنڊ جا رهواسي آهن جيڪي نصرالله جي قتل ۾ ملوث آهن جڏهن ته عبدالله لنڊ سندن سھولتڪار آهي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪيو آهي برڪت ۽ عبدالله لنڊ جي گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهيا آهيون ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه موجب ڪجهه شڪ جي بنياد تي وڌيڪ جوابدار پڻ گرفتار آهن وڌيڪ جيڪو به جوابدار ملوث هوندو کيس گرفتار ڪيو ويندو ايس ايس پي موجب جيو فينسنگ, سي ڊي آر جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ جاري آهي جوابدار برڪت ۽ عبدالله لنڊ کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
ڪراچي (رپورٽر) جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي عوامي آواز جي رپورٽر شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ صحافين، سول سوسائٽي طرفان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻھن طرفان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جون تصويرون ۽ بينر ھٿن ۾ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي عوامي آواز جي رپورٽر شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ جي ايم جمالي، وحيد راجپر، ناصر خٽڪ، غازي جھنڊير،امتياز فاران، حسن عباس، عاجز جمالي، اعجاز احمد خان ۽ ٻين ڪئي. جڏهن ته احتجاج ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن الاھي بخش، اياز چانڊيو، مظفر بروهي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيوته حڪمران اکيون بند ڪري ڪنن ۾ ڪپھه وجھيو ويٺا آھن، جن کي نه ٻڌڻ ۾ نه ئي ڏسڻ ۾ ٿو اچي اسان ھن پر امن احتجاج ذريعي انھن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون ۽ ھنن ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ ٻري رھي آھي، سنڌ اندر قلم جي مزدورن کي سرعام قتل ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن قلم جا مزدور محفوظ نه ھوندا ته ھو عام مظلوم جو آواز ڪيئن اٿاريندا، شھيد جان محمد مھر جا جيڪڏهن قاتل گرفتار ڪيا وڃن ھا ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو واقعو پيش نه اچي، سنڌ حڪومت ھر وقت اھو چوندي رھندي آھي تہ اسين قاتلن جي ويجھا آھيون پر ھن مھل تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آھن، شھيد نصرالله گڏاڻي سنڌ جي وسيلن ۽ غريب ماروئڙن جو آواز اٿاريندو رهندو ھو ان کي شھيد ڪيو ويو، شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آھي، پوليس ھن مھل تائين 20 ڏينهن گذرڻ باجود شھيد نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ ڪک برابر به اڳڀرائي واضح رڪارڊ تي ناھي آڻي سگھي، شھيد جان محمد مھر جا مک قاتل ھن مھل تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا، اسان هاڻي حڪمت عملي ٺاھي ھن احتجاجي تحريڪ کي ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ ھتان ڪراچي پريس ڪلب کان ھزارين صحافي گڏجي ڪري اعلي ايوانن جو رخ ڪنداسين. احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ اڳواڻن حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪري قاتلن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ ھن احتجاجي تحريڪ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. الاهي بخش بڪڪ احتجاجي مظاهري ۾ خطاب ڪندي چيو ته بحريا ٽائون خلاف وڏا وڏا اخباري، وڏا وڏا چينل ميگا پراجيڪٽ لکندا هئا پر مان جس ڏيان ٿو پنهنجي عوامي آواز اخبار کي جنهن ان وقت به ملڪ رياض ۽ بحريا ٽائون کي للڪاريو ۽ اڄ به وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن کي منهن ڏئي ويٺي آهي. احتجاج ۾ صحافي حنيف سومرو، سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻ خير محمد مگسي، سنڌي ادبي سنگت ملير شاخ سيڪريٽري قمبر ٻٽ سنڌ جرنلسٽس جو مرڪزي جنرل سیڪریٽري شاھد حسین سیال ۽ ٻين شرڪت ڪئي .