جوهي ( ن ع آ ) ڊرگهه بالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ باز مال کوسو ۾ چوري جي معاملي تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو، هڪ ڌر ڪالهه ٽئين ڏينهن به جوهي – دادو مين روڊ تي پ پ ايم اين اي جي بنگلي آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن مسمات جيوڻي، مختيار کوسو، مسمات ماروي، غلام نبي کوسو ۽ ٻين چيو ته مخالفن حملو ڪري هڪ همراهه کي مرڻينگ ڪيو آهي، ۽ 7 ٻارڙن جي ماءُ کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته پوليس مخالفن جي ونگاري بڻيل آهي، اغوا ٿيل عورت جون ٽڪ ٽاڪ به وڊيو ٺاهي وائرل ڪيون ويون آھن، هنن چيو ته جوابدار ڌر ڊرگه بالا پوليس کي ڳري روشوت ڏئي سرعام پوليس سرپرستي ۾ گهمي رهيا آھن، اسان جو حملي ۾ زخمي ٿيل عيدن کوسو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال داخل ٿيل آهي، هنن وڌيڪ چيو ته عورت سان زيادتي ڪئي وئي آهي، جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو ويندو، ٻئي طرف ڊي ايس پي جوهي ۽ ٻين پاران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.