ڪيسن کي منهن ڏينداسين، ڇا به ٿي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين:عمر ايوب

گجرانوالا ( م ڊ ) گجرانوالا جي سيشن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته بجيٽ جي صورت  ۾ جيڪا مهانگائي اچڻ واري آهي ان جو عوام تصور به نه ٿو ڪري سگهي، جيڪو ڪجهه آزاد ڪشمير ۾ ٿيو اهو هاڻي پاڪستان ۾ به ٿيندو، مون کي اليڪشن ٿيندي نظر اچي رهي آهي، عوام تيار رهي، عمر ايوب چيو ته اسان ڪيسن کي منهن ڏينداسين پر پنهنجي موقف تان پٺتي نه هٽنداسين، ڪچي جي ڌاڙيلن کان وڌيڪ زهريلا پڪي جا ڌاڙيل آهن، ساڍا چار سئو ارب روپيا ڳڙڪائي ويندڙن کان ڪير پڇي به نه ٿو، حڪمران بجيٽ ۾ ڇا پيش ڪندا، آزاد ڪشمير کي 3 ارب روپيا نه ڏنا ويا ته اتي ڇا ٿيو، اتي جيڪي ڪجهه ٿيو اهو هاڻي پاڪستان ۾ به ٿيندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.