ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سخي حسن سرينه موبائيل مارڪيٽ ويجهو سڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ مارجي وي لاگر سعد علي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب تيموريا ٿاڻي تي وي لاگر سعد علي جي قتل جو ڪيس مقتول سعد علي جي والد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سرينا موبائيل مارڪيٽ جي ذميوار گارڊ، سڪيورٽي ڪمپني خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مقتول ويلاگر پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ميچ بابت شهرين کان راءِ پڇڻ لاءِ سرينا موبائيل مارڪيٽ ويو هو، جنهن کي هٿياربند سيڪورٽي گارڊ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ هو ته تيموريه پوليس فائرنگ ڪندڙ گارڊ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ٿيل 35 ورهين جي گارڊ جي سڃاڻپ احمد گل ولد زوتا خان طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گارڊ سيڪيورٽي ڪمپني جو ملازم آهي جنهن جي ٽرپل ٽو کي قبضي ۾ ورتو ويو آهي.