اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وفاقي حڪومت نيٽ ميٽرنگ جو موجوده نظام ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت سعودي عرب جي سيڙپڪارن سان گڏجي 600 ميگاواٽ جو سولر پاور پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم انهن فيصلن جي سمري موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شمسي توانائي جي خريداري ۽ وڪري لاءِ ٻه الڳ ريٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. حڪومت سولر سسٽم لڳائڻ، نيٽ ميٽرنگ ريگيوليشن ۾ ترميم ڪرڻ ۽ الڳ ٽيرف ڪيٽيگري متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف پاور ڊويزن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيٽ ميٽرنگ پاليسي ختم ڪرڻ بابت خبرن ۾ صداقت ناهي، نيٽ ميٽرنگ پاليسي بابت وزيراعظم طرفان ڪا به هدايت ناهي ملي.