سنڌ ڪابينا ۾ ڌڙابندي، وزير بدلين ۽ مقررين بدران ڪارڪردگي سڌارين: بلاول

ڪراچي(رپورٽ: محمدعلي نقرچ) پ پ ۾ ٻه ڌڙا  بندي، وڏي وزير،  وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن جون ڌار ڌار ٽيمون، پ پ چيئرمين وزيرن کي ڪارڪردگي سڌارڻ جي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته هو پاڻ هر ڇهين مهيني ڪارڪردگي جو جائزووٺندو. وڏو وزير پاڻ به وزيرن تي سختي ڪري، پاڻ ۾ جهيڙي سان پارٽي ۽ حڪومت کي نقصان نه پهچائڻ گهرجي.  ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ صوبي ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن، توڙي وزيرن وچ ۾ اختلافن ۽ بجيٽ کانپوءِ وڏي  پئماني تي تبديلي جا افواهه عام ٿيڻ بعد پ پ چيئرمين بلاول ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پارلياماني پارٽي جواجلاس سڏايو، جنهن ۾ چونڊيل نمائندن توڙي وزيرن کان سندن ڪارڪردگي بابت پڇاڻو ڪيوويو. اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪابينا کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻي آهي، هاڻي هر 6 مهينن کانپوءِ پاڻ ڪارڪردگي جو جائزو وٺندس، هن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي ته هو وزيرن تي چيڪ بئلينس رکي. وزيرآفيسن ۾ ڪهڙي وقت اچن ٿا، عوام جا مسئلا حل  ڪيا وڃن.   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو شرجيل ميمڻ کي چيو ته نظرنه پيا اچو، ٽرانسپورٽ کاتي جي ڪارڪردگي بهتر آهي ؟ موجوده اسپيڪر اويس قادر شاهه جڏهن ٽرانسپورٽ جووزير هو ته ان به سٺو ڪم ڪيوهو، هن چيو ته عمران خان ڇا ڪري پيو ڇا نه ان اسان اسان جوڇا وڃي، عمران خان پنهنجو ڪيل ڪم ڀوڳي رهيو آهي. هو پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏئي پيو. هن چيو ته وزيرن توڙي چونڊيل نمائندن کي پارليامينٽ سان گڏ عوام کي به ٽائيم ڏيڻو پوندو، ٻين صوبن ۾ اينٽي ڪرپشن کي مخالفن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، اينٽي ڪرپشن وزير محمد بخش مهر کي فري هينڊ آهي، ڪم ڪري ڏيکاري، سمورن کاتن جي آفيسرن جو جائزو به ورتو وڃي، ان ڪم لاءِ ابتدا ۾ ٿورا مسئلا پيدا ٿيندا پر پوءِ اهو ڪم صوبي لاءِ بهتر ٿيندو. هن چيو ته ايم پي ايز پنهنجي ضلعن ۾ آفيسرن تي نظر رکن، جيڪڏهن ڪوآفيسر بدنامي جوسبب بڻجي رهيو آهي ته قيادت ۽ وڏي وزير کي آگاهه ڪيو وڃي. جيئن پارٽي ۽ حڪومت کي بدنامي کان بچائي سگهجي،   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزيرن ضياءَ الحسن لنجار، سيد ناصر حسين شاهه ۽ سردار شاهه جي  ڪم جي تعريف ڪندي چيو ته اليڪشن گذرڻ بعد ڪابينا جا ميمبر سست نظر اچي رهيا آهن، هاڻي ٽرانسفر پوسٽنگ جي سياست بند ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته مون کي پنهنجي چونڊيل نمائندن ۾ سستي نظر اچي رهي آهي، ڪجهه ايم پي ايز جي رپورٽ هاڪاري ۽ ڪجهه جي مايوس ڪندڙ آهي، سرڪاري ادارن ۾ ميرٽ تي آفيسر ڀرتي ڪيا وڃن، پاڻ ۾ جهيڙي سان پارٽي ۽ حڪومت کي نقصان نه پهچائڻ گهرجي.هن چيو ته پ پ پ 2008 ۾ جڏهن اقتدار سنڀاليو هو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پوليس بنا سفر ڪرڻ ممڪن نه هو، حڪومت فورسز سان گڏجي امن قائم ڪيو آهي.

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جي وزيرن وچ ۾ ٽي ٽولا پيدا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير بلاول ڀٽو زرداري آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي موجب سنڌ ڪابينا ۾ ٽي ڌڙا سامهون اچي ويا، جن مان هڪ جو تعلق وڏي وزير مراد علي شاهه جو آهي، جڏهن ته ٻيو مخالف ۽ ٽيون مڪمل خاموش آهي. وڏي وزير بلاول ڀٽو کي صوبائي وزيرن جي شڪايت ڪندي چيو ته ڪجهه وزير منهنجو فون به نه کڻندا آهن. اندروني ڪهاڻي موجب بلاول ڀٽو ٽنهي وزيرن جي ڪارڪردگيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن جي واکاڻ ڪئي. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو گهرو وزارت، توانائي ۽ تعليم واري وزارت جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ٺهڻ کان وٺي ٽرانسفر پوسٽنگ جي پويان سڀني جو هٿ آهي، اسيمبلي ميمبر مقامي اسڪولن جي استادن جي مرضي تي عمل ڪرڻ چاهين ٿا. بلاول ڀٽو محمد بخش کي مخاطب ٿيندي چيو ته اينٽي ڪرپشن جا ڪيس بنا ڪنهن دٻاءَ جي هلايا وڃن، شروع ۾ ڪم ڪندا ته مسئلا ايندا ۽ پوءِ سڀ ڪجهه پاڻ ٺيڪ ٿي ويندو.

CMMuradAliShah BilawalBhuttoZardari Sindhgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.