جنگشاهي: عورت ڪارڪنن طرفان موٽرسائيڪل ريلي وسيلي رسول بخش پليجو کي سلامي پيش

ٺٽو/جنگشاھي(رپورٽ: منصور جلالاڻي/غلام حسين شاھه) سنڌ جي ڏاھي، عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو جي ڇھين ورسي سڀاڻي جنگشاھي ۾ ملھائي ويندي، جلسي جون تياريون جاري، سنڌياڻي  تحريڪ ۽ سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ طرفان عظيم مفڪر رسول بخش پليجي کي موٽر سائيڪل ريلي وسيلي سلامي پيش ڪئي وئي. سنڌياڻي تحريڪ پاران رسول بخش پليجو جي آخري آرامگاھ تي گلن جي چادر پڻ چاڙهي وئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساءَ پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، ايڊووڪيٽ سورٺ مڱڻهار، صفيه سرمد ۽ ٻين اڳواڻن چيو تگ رسول بخش پليجو پنهنجي علم ۽ جدوجهد وسيلي سنڌي سماج ۾ انقلابي تبديليون آنديون، سنڌ ۾ عورتن کي سياست ۾ منظم ڪرڻ رسول بخش پليجي جو وڏو ڪارنامو آهي. رسول بخش پليجي عورتن جي حقن جي جدوجهد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. رسول بخش پليجو عورتن جو اڳواڻ ۽ استاد هو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي بدترين دور حڪومت ۾ عورتن مٿان قيامت برپا آهي. آئين کان مٿانهان جرڳا ڪري عورتن جي زندگي زهر بڻائي وئي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي هاڪس بي واري علائقي ۾ ڊي ايڇ اي کي زمينون ڏئي، زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ڊي ايڇ اي هڪ قبضاگير گروپ آهي، ڪراچي ۾ ڊي اي ايڇ بدران سنڌي مزدورن کي پلاٽ ڏنا وڃن.

SindhyaniTharek RasoolBuxPalijo Motorbikerally

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.