محمد عامر هرڀجن سنگهه جي رڪارڊ تي نظرون ڄمائي ورتيون

پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه جي رڪارڊ تي نظرون ڄمائي ورتيون آهن.
محمد عامر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزبان ملڪ آمريڪا خلاف ميچ ۾ هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪرڻ کان رڳو هڪ قدم پري آهي، هوميگا ايونٽ جي تاريخ ۾ اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه جي سڀ کان وڌيڪ ميڊن اوورز ڪرائڻ جو رڪارڊ برابر ڪري سگهي ٿو.
فاسٽ بالر چئن ورهين جي ڊگهي عرصي بعد پاڪستاني ٽيم ۾ واپسي ڪئي آهي هو سال 2009 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو حصو رهي چڪو آهي.
محمد عامر 2009 جي فائنل ۾ سريلنڪا خلاف، 2010 جي گروپ ميچ ۾ آسٽريليا خلاف ۽ 2016 ۾ ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ايڊيشنز ۾ ميڊن اوورز هلايا هئا.
هرڀجن سنگهه ورلڊ ڪپ جي 18 اننگز ۾ چار ميڊن اوورز هلائي ٽاپ پوزيشن تي قابض آهي، جنهن کانپوءِ فهرست ۾ ٻيو نمبر سريلنڪا جي دلهرا فرنينڊو جو آهي جنهن پنج اننگز ۾ ٽي، رنگنا هيراٿ ڏهن اننگز ۾ ٽي جڏهن ته محمد عامر 18 اننگز ۾ 3 ميڊن اوور ڪيا آهن.

 

MohammadAmir  HarbhajanSingh T20WorldCup204

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.