ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي علي شيخاڻي طرفان اعلانيل هڪ ڪروڙ رپين جا امدادي چيڪ ڏنا ويا.
جي ڊي سي جو جنرل سيڪريٽري ظفر عباس صحافين ۽ گهوٽڪي جي انتظامي عملدارن سان گڏ شهيد صحافي جي گهر پهتو جتي هن ساڻن تعزيت ڪئي ۽ دعا گهري وئي.
جي ڊي سي طرفان شهيد جي ٻارن لاءِ نون ليپ ٽاپس لاءِ به رقم ڏني وئي ۽ ٻارن جي فرمائش تي عيد تي ڳئون ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيائين.
ان موقعي تي 90 لک رپين جو چيڪ شهيد جي بيواهه ۽ 10 لک رپين جو چيڪ شهيد صحافي جي ماءُ مائي پٺاڻي حوالي ڪيو ويو.
ياد رهي ته سرندي واري شخص علي شيخاڻي پاران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن جي امداد لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ هن اها رقم جي ڊي سي ذريعي ڏياري آهي.