ايڪس تي واهپيدار کي وڏي ڇوٽ، جيڪو وڻي اپلوڊ ڪري سگهو ٿا

ايڪس (ٽوئيٽر) ۾ هر طرح جي مواد پوسٽ ڪرڻ جي باضابطا اجازت ڏني وئي آهي.
ايلون مسڪ جي ملڪيت سوشل ميڊيا پليٽ فارم طرفان ايڪس جي پاليسين ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي نامناسب ۽ پر تشدد پوسٽس ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
پر اهڙي مواد کي 18سال کان گهٽ عمر وارن ماڻهن يا ان کي ڏسڻ کان انڪار ڪرڻ وارن تائين پهچڻ کان بلاڪ ڪيو ويندو.
ڪمپني طرفان اهڙو اعلان ان وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن دنيا ۾ ريگيوليٽر ادارن طرفان ايڪس تي زور ڏنو ويو آهي ته ٻارن تائين نامناسب مواد جي پهچ جي روڪٿام ڪئي وڃي.
هاڻي به ايڪس طرفان واهپيدارن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي نامناسب مواد پوسٽ ڪرڻ کان روڪيو ناهي ويندو، پر هاڻي ڪمپني طرفان شرطن سان ان جي رسمي منظوري ڏني وئي آهي.
هاڻي جيڪي واهپيدار پرتشدد مواد پوسٽ ڪندا انهن کي ڪمپني طرفان ميڊيا سيٽنگز ۾ تبديلي جو چيو ويندو ته تصوير ۽ وڊيوز کي اهڙي مواد ۾ رکيو وڃي، جنهن کي ڏسڻ کان پهريان وارننگ ڏني ويندي آهي.
18 سال کان گهٽ عمر وارا ماڻهو يا اهڙا واهپيدار جن جي پروفائيل تي ڄمڻ جا تاريخ درج نه هوندي اهي اهڙو مواد ڏسي نه سگهندا.
Twitter ElonMusk America

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.