ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جو آپريشن ڇاليه سوپاري ، گٽڪا ۽ پرڏيهي سگريٽ هٿ، جوابدار گرفتار پاڪستان ڪوسٽ گارڊز پنهنجي انٽيليجنس ذريعن جي بنياد تي ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ مان وندر تي چيڪنگ دوران 5490 ڪلو سوپاري ، 533 گٽڪا ۽ 591 پرڏيهي سگريٽ جا اسٽڪ هٿ ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. ترجمان پاڪستان ڪوسٽ گارڊز موجب ڪوئيٽا- ڪراچي هاءِ وي ان کان علاوه گوادر (بلوچستان) پنوان چيڪ پوسٽ تي مختلف مسافر ڪوچن مان 12 غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو.