ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن پاران هيلٿ الائونس ۾ اضافي جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن بجيٽ ۾ هيلٿ الائونس ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس  ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر محبوب نوناري ۽ ٻين چيو آهي ته وات جي ڪينسر پوري سنڌ ۾ تيزي سان وڌي رهي آهي ان جو سبب ڊينٽل ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، وات جي ڪينسر گهٽڪو سوپاري پان کائڻ سان وڌي رهي آهي، ميڊيڪل سرجنن کي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ مقرر ڪيو وڃي جيئن هو ماڻهو کي آگاهي ڏين، ھنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن کي سهولتون موجود ناهن، تازو ئي حيدرآباد ۾ سلينڊر ڌماڪو ٿيو مريضن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو. پريس ڪانفرنس ڪندي ھنن مطالبو ڪيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ هليٿ الائونس ۾ اضافو ڪيو وڃي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالون جي آڊٽ ڪرائي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.