ڪشمور (ڊ ر)ڪشمور ٿاڻي جي حد ڳوٺ چاھواڻ سولنگي جو رھواسي ڳوٺاڻي ميران بخش ملڪ جي گھر ۾ نامعلوم چور داخل ٿي زبردستي هٿيارن جي زور تي چوپايو مال ڪاھڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت ڪرڻ تي بي رحم ظالم ھٿياربند چورن سڌيون گوليون هڻي گھر ڌڻي ميران بخش ملڪ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ چورن مقتول جي پٽ حنيف ملڪ کي لٺيون ھڻي سخت زخمي ڪري وڌو قھري واردات ڪرڻ بعد چور رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.