پئسا نه مليا ته وفاق ردعمل لاءِ تيار رهي: علي امين گنڊاپور

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي فوري طور پئسا نه مليا ته وفاق ردعمل لاءِ تيار رهي. صوبائي  اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته وفاقي بجيٽ کانپوءِ اسان جي بجيٽ ۾ ڪا شئي گهٽ نه ٿيندي پر اسان جي بجيٽ ته وڌندي، هلندڙ سال بجيٽ تجويزن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته اڳوڻي فاٽا جا ماڻهو سوال ڪن ٿا پئسو ڪاڏي ٿو وڃي، مان ڇا چوان ته پئسو ڪير کائي رهيو آهي؟ قبائلي عوام اڃا تائين قربانيون ڏئي رهيو آهي سندس چوڻ هو ته ٻڌايو وڃي امن ڪيئن قائم ٿيندو؟ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مختص رقم مان هڪ پئسو ناهي مليو، فوري طور تي پئسا نه مليا ته وفاق ردعمل لاءِ تيار رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.