ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ترجمان اڳوڻي صدر عارف علوي جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو صدر ٿيڻ باوجود عارف علوي ڪجهه نه سکيو، عارف علوي جي سياست ايم ڪيو ايم تي الزام هڻڻ سان شروع ٿي ۽ ان تي ئي ختم ٿي. ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم تي الزام هڻڻ بدران 9 مئي تي رياست خلاف ٿيندڙ سازش جو جواب ڏيو، 2018ع ۾ جعلي ۽ جبري مينڊيٽ تي پاڪستان جا صدر بڻجڻ وارا قانون ۽ انصاف جي ڳالهه ڪيئن ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته عارف علوي سميت سندس پارٽي ڪراچي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، 168 ارب جي پيڪيج جو اعلان ڪراچي جي عوام سان دوکو آهي. ترجمان چيو ته ڪراچي ۽ ايم ڪيو ايم کي الڳ ڪرڻ جو خواب ڏسندڙن جو انجام سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. دنيا ڄاڻي ٿي ته پي ٽي آءِ کي 2018 جي اليڪشن ۾ ڪراچيءَ مان ايم ڪيو ايم جون 14 قومي اسيمبليءَ جون سيٽون کسي ڏنيون ويون هيون.