هيلن ميري پاڪ فوج ۾ پهرين اقليتي عورت برگيڊيئر بڻجي وئي

اسلام آباد (م ڊ) ڊاڪٽر ھيلن ميري رابرٽس اقليتي برادريءَ سان تعلق رکندڙ پاڪ فوج ۾ برگيڊيئر بڻجي ويل پهرين عورت ٿي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف برگيڊيئر ڊاڪٽر ھيلن ميري کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ھيلن ميري اقليتي برادريءَ سان واسطو رکندڙ پھرين برگيڊيئر آهي. وزيراعظم چيو ته ھيلن ميري ثابت ڪيو ته عورتون ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان پوئتي ناهن. مسيحي برادري سميت پوري قوم کي ھيلن ميري تي فخر آهي. برگيڊيئر ھيلن جي محنت ۽ انسانيت لاءِ خدمت جو جذبو ٻين عورتن لاءِ مشعل راهه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.