پي ٽي آءِ تي پابندي،سوشل ميڊيا کي لغام ڏيڻ جون تياريون مڪمل

اسلام آباد/لاهور(عمران شفقت+معظم فخر) پي ٽي آءِ جي محبت ۾گرفتار”طاقتور اداري“ اندر موجود ٻن آفيسرن کي هٽائڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب ويجهي ماضي ۾ هڪ جنرل ايمن بلال صفدر کان به استعيفيٰ ورتي وئي هئي جڏهن ته  هاءِ ڪورٽن ۾ عمران خان جي حمايت ڪري ويٺل ٻن ٽن ججن تي به نظر رکي پئي وڃي، هوڏانهن ٻن سالن کان پي ٽي آءِ کي سياسي ميدان تي  ڪا به ڪاميابي نه پئي ملي، تازي مهم ۾ به ان کي ناڪامي ملڻ جو امڪان آهي،جڏهن ته وفاقي ڪابينا اڱاري تي اجلاس طلب ڪيو آهي، اجلاس جي ايجنڊا ٻن اهم اشوز تي مشتمل آهي، هڪ سوشل ميڊيا  تي عوام جو آواز بند ڪرڻ لاءِ  سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ بابت قانون سازي ڪرڻ آهي،ٻيو پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو شامل آهي، ڪابينا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ رپورٽ جي منظوري ڏيندي،اڄ کان شروع ٿيندڙ هفتو يوٿين تي ڳرو ثابت ٿي سگهي ٿو، سوشل ميڊيا جو ڳلو دٻائي پاڪستان تحريڪ انصاف جي آڪسيجن تي لت رکي ويندي،ڇو ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم ذريعي عمران خان پاڪستان جي پاليسي سازن تي سرسي حاصل ڪريو ويٺي آهي،سوشل ميڊيا تي چڙڏياريندڙ پوسٽن کي ڏوهه قرار ڏنو ويندو، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سوشل ميڊيا ايپس کي پابند بڻايو ويندو ته ملڪي نظرياتي سرحدن کي ڇيهو پهچائيندڙ پوسٽن کي اسپيس نه ڏنو وڃي، ان حوالي سان هڪ بل ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جڏهن ته ڊجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ ۾ ترميمي تبديليون ڪيون پيون وڃن،ان حوالي سان جوڙيل ڪميٽي کان سفارشون طلب ڪيون ويون هيون،ان حوالي سان وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا کي لغام ڏيڻ ضروري ٿي پيو آهي، ڊجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي پيڪا ايڪٽ جي جاءِ وٺندي، ان اٿارٽي جو قيام پيڪا قانون ۾ تبديلين ذريعي ئي ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن اينڊ ايجنسي به موجوده ڊي آر پي تحت ڪم ڪندي، سوشل ميڊيا تي چڙڏياريندڙ پوسٽ اپ لوڊ ڪندڙ ۽ شيئر ڪندڙ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو،ذريعن موجب فيس بڪ، ايڪس(ٽوئيٽر)انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب تي پابنديون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ انهن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ان وقت تائين پابندي لڳائي ويندي جيستائين انهن ڪمپنين جون آفيسون پاڪستان ۾ نٿيون کوليون وڃن،جڏهن ته وي پي اين ذريعي به اهي ايپس هلائڻ کان روڪڻ جو ٽوڙ ڳوليو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.