ڀوتار، وڏيرو، ڄام، رئيس ”مائي فٽ “ اڄ پوري سنڌ ۾ گونجي پيو: ساڃاهه وند

ڪراچي( جاني سومرو) روزاني عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي شهيد ٿيل رپورٽر نصرالله گڏاڻي ،  سکر جي شهيد ٿيل صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ صحافي اتحاد ڪراچي جي سڏ تي جسٽس فار نصرالله گڏاڻي، سنڌ سنڌ سجاڳي فورم، سنڌ سول سوسائٽي ۽ ھندو برادري سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن طرفان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. احتجاجي ڌرڻي ۾ شھيد صحافين ۽ پريا ڪماري جي تصويرون کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي سينئر صحافي منصور کوکر، لياقت عباسي، لياقت علي جلباڻي مرتضيٰ علي، غازي جھنڊير، سارنگ جويو،  گل محمد منگي، سورٺ لوهار، نجمه مھيشوري، سھڻي پارس، آفاق ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيوته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شھيد صحافي جان محمد حق سچ لکندڙ صحافي ھئا جنھن کي ظالمن قتل ڪيو، 3 سال اڳ پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو جنھن کي ھن مھل تائين پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آھي جيڪا پوليس جي نااھلي آھي، اڳواڻن وڌيڪ چيوته شھيد نصرالله گڏاڻي غريب ماروئڙن جو آواز اٿاريندو ھو، سندس نعرو ھيو ڀوتار، وڏيرو ڄام، رئيس مائي فٽ جيڪو اڄ پوري سنڌ اندر گونجي رھيو آھي. شھيد صحافين نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سنڌ حڪومت جي نااهلي آھي. ھنن چتاءُ ڏنو ته شھيد صحافين نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جا قاتل بنا دير گرفتار نه ٿيا ۽ پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي وارثن حوالي نه ڪيو ويو ته احتجاج جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھن لاءِ ٿڌي پاڻيءَ ۽ شربت جو بندوبست ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.