اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ لاءِ تمام گهڻي محبت ۽ جنون ڏٺو آهي.
آمريڪي سفير طرفان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو ويو آهي ته ويجهڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان ملاقات ڪئي جنهن دوران رانديگرن کان ڪجهه بالنگ ۽ بيٽنگ بابت ٽپس سکيا.
ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ سان محبت ڪندڙن جو ملڪ آهي، گرمين دوران پاڪستان ۾ هر کليل ميدان تي ڪرڪيٽ کيڏي ويندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته ميچون دلچسپ ٿينديون، عالمي ڪپ لاءِ ڪپتان بابر اعظم ۽ پاڪستاني ٽيم لاءِ نيڪ خواهشون رکان ٿو.
T20worldcup2024 US Pakistancricketteam