اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف ڪيس جي ڪارروائي سڌي ريت نشر نه ڪرڻ جي معاملي تي لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
حڪم نامي موجب ايڊووڪيٽ جنرل ڪارروائي سڌي ريت نشر ڪرڻ جي درخواست ڪئي، عوامي مفاد جو ڪيس نه هجڻ سبب لائيو نشريات جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.
سپريم ڪورٽ چيو ته ڪي پي حڪومت جي مرڪزي ڪيس ۾ هڪ ڏينهن به عدالتي نمائندگي نه هئي، اوچتو انٽرا ڪورٽ اپيلن ۾ ڪي پي حڪومت جي لائيو ڏيکارڻ جي درخواست سمجهه کان ٻاهر آهي.
حڪم نامي موجب 5 رڪني لارجر بئنچ ۾ جسٽس اطهر من الله فيصلي سان اختلاف ڪيو.
لکت حڪم نامي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ هر ڪيس کي سڌي ريت نشر نٿي ڪري سگهي، خاص طور اهڙا ڪيس لائيو نٿا ڏيکاري سگهجن، جيڪي سياسي يا ذاتي مقصد سان جڙيل هجن.
supremecourtofpakistan nab pakistan