پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر، انگ 4 ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو انگ 4 ٿي ويو.
ملڪ ۾ هلندڙ سال هڪ ٻيو پوليو ڪيس سامهون آيو آهي، ذريعن موجب نيشنل پوليو ٽيسٽنگ ليبارٽري تصديق ڪئي ته ڪيس وائلڊ پوليو وائرس ٽائپ ون آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس سنڌ جي ضلعي شڪارپور مان رپورٽ ٿيو آهي، پوليو سان متاثر اڍائي ورهين جو ٻار لکي جو رهواسي آهي.

polio pakistan sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.