قذافي اسٽيڊيم ۾ اَپ گريڊيشن جو ڪم شروع، مک بلڊنگ ڪِيرائي نئين عمارت ٺاهڻ جي رٿا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ قذافي اسٽيڊيم ۾ اَپ گريڊيشن جي حوالي سان ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، قذافي اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن جي ڪم لاءِ شروعاتي طور مين بلڊنگ مان آفيسن جي منتقلي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ سمورن ڊائريڪٽرز ۽ سندن شعبن کي فار اينڊ بلڊنگ ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي منتقل ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي دوران آفيسن جي منتقلي جو ڪم مڪمل ٿي ويندو جنهن کانپوءِ مين بلڊنگ کي ڪِيرائڻ جي رٿا تي عمل ڪيو ويندو، جڏهن ته نئين عمارت کي جديد طرز تي گرائونڊ جي ويجهو ٺاهڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، مين بلڊنگ ۾ گهڻي قدر هوسپيٽليٽي باڪسز فرنٽ تي ٺاهڻ جو منصوبو آهي جڏهن ته قذافي اسٽيڊيم جي عمران خان ۽ فضل محمود انڪلوزر ۾ سيٽن جي گنجائش وڌائي ويندي، رٿا موجب تماشائين کي بهتر ويو ڏيڻ لاءِ نيون اسڪرينون پڻ لڳايون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.