اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف هڪ ڀيرو ٻيهر وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن جا اثاثا پبلڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ان تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃِ.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايندڙ بجيٽ ۾ بدعنواني جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کڻڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ عوامي عهدو رکندڙن، سرڪاري آفيسرن جا اثاثا پبلڪ ڪرڻ جو ٻيهر مطالبو ڪري ڇڏيو.
عالمي مالياتي فنڊ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پنهنجو موقف ورجائيندي چيو ته وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري آفيسرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت اثاثا عوامي سطح تي ظاهر ڪرڻ لاءِ پورٽل ٺاهڻ ۾ ناڪام آهي، عالمي مالياتي اداري پورٽل نه ٺاهڻ تي پاڪستان حڪومت سان ناراضگي ظاهر ڪئي.
ذريعن موجب پاڪستاني اختياريون معاهدي تحت پورٽل ٺاهي اثاثن جا تفصيل عام ڪرڻ جون پابند آهن، آءِ ايم ايف ڪابينا ميمبرن، اسيمبلي ميمبرن، آفيسرن جا اثاثا عام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
imf pakistan islamabad