”پيٽرول سستو ٿيڻ سان مهانگائي گهٽجندي ۽ عوام کي رليف ملندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم جي ٽن وڏن هدفن مان سڀ کان وڏو ۽ پهريون هدف مهانگائي گهٽائڻ آهي، هر وزارت کي غريب ماڻهو تي بار گهٽ ڪرڻ جو هدف ڏنو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 37 سيڪڙو کان گهٽجي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، پيٽروليم شين جا اگهه گهٽايا ويا آهن، اسان پيٽرول جي اگهه ۾ جيتري گهٽتائي ڪري سگهندا آهيون ڪندا آهيون، پيٽرول سستو ٿيڻ سان مهانگائي گهٽجندي ۽ عوام کي رليف ملندو.
هن چيو ته ٽيڪس وصولي 30 سيڪڙو وڌي آهي، سٺي بجيٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ن ليگ سدائين معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي، ايندڙ ڏينهن ۾ عوام کي مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي نظر ايندي.

musadikmalik pmln petrolprice

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.