نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) مختصر فارميٽ جي وڏي ايونٽ ۾ چوڪن ۽ ڇڪن جي برسات ٿيندي، افتتاحي ميچ ۾ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جون ٽيمون پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي پنجين وڳي آمهون سامهون ٿينديون.
ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024 جي ٻي ميچ ويسٽ انڊيز ۾ کيڏي ويندي جيڪا ميزبان ملڪ ۽ پاپوا نيوگيني وچ ۾ پاڪستاني وقت موجب ٻئي ڏهاڙي شام ساڍي ستين وڳي کيڏي ويندي.
پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 6 جون تي آمريڪا خلاف کيڏندو جڏهن ته هاءِ وولٽيج دنگل پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ 9 جون تي نيو يارڪ ۾ ٿيندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جا دورا مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لنڊن کان آمريڪا جي شهر ڊيلاس پهچي چڪي آهي جتي هو ميچ کان اڳ پريڪٽس ڪندي…..
t20worldcup2024 Pakistancricketteam USA