دادو: ٽيڻو قتل ڪيس، نامزد برهان خان چانڊئي پاران نياڻي جي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي درخواست

دادو ( ويب ڊيسڪ ) ام رباب چانڊيو جي گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد برهان خان چانڊئي نياڻي جي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي.
ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
فريادي پرويز چانڊيو، سردار چانڊيو، برھان چانڊيو ۽ اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته گرفتار جوابدار علي گوھر چانڊيو، سڪندر، ذولفقار چانڊيو ۽ مرتضيٰ چانڊيو کي به جيل کان ۾ ويو.
الزام ھيٺ آيل ايم پي اي برھان خان چانڊيو نياڻي جي علاج جي سلسلي ۾ پرڏيھه وڃڻ جي درخواست ڏني.
برھان خان چانڊيو جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته نياڻي جو پرڏيهه مان علاج ڪرائڻو آهي، ان سلسلي ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.
عدالت، سرڪاري وڪيل جي طبيت خراب ھجڻ ڪري پيش نه اچڻ ڪري ٻڌڻي 7 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ڪيس جو فيصلو اچڻ جي ويجھو آھي، جنهن ڪري برھان خان چانڊيو ڌي جي علاج جو بھانو بڻائي فرار ٿيڻ چاھي ٿو.
هن چيو ته برھان چانڊيو پرڏيهه وڃڻ بعد واپس نه آيو ته ذميوار ڪير ھوندو، تنهن ڪري عدالت کي اپيل آهي ته درخواست رد ڪئي وڃي……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.