حڪومت صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي: نائب وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ڊاڪٽر به پنهنجي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڪم ڪن.
اسلام آباد ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته هڪ انسان جي حياتي بچائڻ پوري انسانيت بچائڻ جي برابر آهي، ينگ ڊاڪٽرز معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
هن چيو ته تعليم جي شعبي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، ينگ ڊاڪٽرز ميڊيڪل سائنس ۾ جديد رجحان اختيار ڪري پاڻ کي باصلاحيت بڻائين، حڪومت صحت جي شعبي بابت قدم کڻي رهي آهي
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڊاڪٽرز جي ذميواري آهي ته هو پيشيوراڻي انداز ۾ ڪم ڪن، ڊاڪٽر جو مريض سان دوستاڻو رويو تمام ضروري آهي…..

ishaqdar health Pakgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.