اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن وارو معاملو، گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راڄڌاني ۾ عدالتي حڪم جي باوجود مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ بابت گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت اسلام آباد جي مڪاني چونڊن ۾ دير لاءِ لڪ ڇپ کيڏي رهي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر طرفان لکت ۾ حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن بابت رپورٽ جمع ڪرائي، اليڪشن ڪميشن طرفان چيو ويو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.
ان ۾ چيو ويو ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان گهرو وزارت طرفان به رپورٽ جمع ڪرائي وئي، گهرو وزارت موجب ڪابينا ۾ معاملا التوا هيٺ هجڻ سبب ايم سي آءِ جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير لاءِ لڪ ڇپ کيڏي رهي آهي، مختلف حڪومتي وزارتون، ادارن وچ ۾ هم آهنگي جي کوٽ مڪاني چونڊن ۾ دير جو بهانو نٿو ٿي سگهي، اهو آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي مختلف فيصلن جي به ڀڃڪڙي آهي.
اعليٰ عدالت چيو ته وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي لاڳو ٿيڻ ۾ ڳڻتي جو شڪار نظر اچي ٿي، گهرو سيڪريٽري ايم سي آءِ جي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري بابت نوٽيفڪيشن جو قانوني جواز فراهم ڪري، ايم سي آءِ جي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري جو قانوني جواز فراهم نه ڪرڻ تي اسٽي جاري ڪيو ويندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ڪابينا سيڪريٽري به رپورٽ جمع ڪرائي ته اسلام آباد جي مڪاني چونڊن جو معاملو دير جو شڪار ڇو آهي؟ ڪيس کي 8 جولاءِ 2024 تي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي……

IHC localgovernmentelections Pakgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.