اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مهانگائي جي ماريل عوام تي بجلي بم ڪيرائيندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي.
نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 76 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان واهپيدارن تي 46 ارب 61 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو.
نيپرا جي فيصلي موجب واهپيدارن کان جون ۾ واڌو هڪ رپيو 90 پئسا في يونٽ جي حساب سان وصولي ٿيندي، جڏهن ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ واڌو 93-93 پئسا في يونٽ وصول ڪيا ويندا.
You might also like