اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف 200 يونٽ استعمال ڪرڻ وارن واهپيدارن لاءِ بجلي جا اگهه وڌائڻ لاءِ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.
وفاقي حڪومت جي پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي بلن جي مد ۾ رليف ڏيندي 200 يونٽ تائين جي سبسڊي برداشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وزير اعظم شهباز شريف 200 يونٽ استعمال ڪرڻ وارن لاءِ ٽيرف نه وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي جا اگهه وڌائڻ لاءِ معاشي ٽيم جي تجويز رد ڪري ڇڏي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته بجيٽ ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي بجلي جي اگهن ۾ سبسڊي ڏني ويندي ۽ ايندڙ مالي سال بجلي جي اگهن ۾ واڌ پروٽيڪٽڊ گهريلو واهپيدارن لاءِ نه ڪئي ويندي.
ذريعن موجب وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي ٽيرف ۾ واڌ نئين مالي سال جي پهرين مهيني کان هوندو ۽ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي ايندڙ مالي سال جي آخر تائين 160 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي.
PrimeMinister Shahbaz Sharif NEPRA