پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ جلسي جي مشروط اجازت ملي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي جلسي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عدالتي حڪم تي پي ٽِي آءِ کي 39 شرطن سان جلسي جي اجازت ڏني، جنهن لاءِ باقاعدا اين او سي به جاري ڪئي وئي.
اين او سي جي شرطن موجب جلسو مقرر وقت تي ختم ڪرڻو پوندو، جلسي ۾ رياست خلاف نعريبازي يا تقرير جي اجازت نه هوندي.
سرڪاري املاڪ کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه هوندي جڏهن ته سڪيورٽي جي ذميوراري تحريڪ انصاف جي هوندي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ طرفان 8 جون تي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت گهري وئي هئي، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو ڪري هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو.

PTI Pakistan Islamabad

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.